بهرو

بُهرو: زمين دوز ڪوٺي. تهخانو. اهو تهخانو، جيڪو گهر ۾ اندر ڪنهن ڪوٺيءَ يا صفحي ۾ ٺاهي، مٿان اهڙيءَ طرح ڇت ٺاهي ڇڏجي، جو هيٺ ڪنهن ڪوٺيءَ جو اهڃاڻ نه ملي. ان تهخاني ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ ڪمري جي ڪنڊ يا وچ ۾ ڪا وٿي ڇڏي، ڍڪي ڇڏجي. اهو بُهرو ناڻي يا ڪن خاص شين رکڻ لاءِ ٺهرائيندا هئا. هن وقت به انهيءَ ضرورت لاءِ گهرن ۾ بُهرا ٺهندا آهن. ننگرپارڪر ويجهو جبلن ۾ ڪيترا بُهرا ٺهيل آهن.


لفظ بهروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو