بنفشو

بِنفشو: پسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ هڪ قسم جو ٻوٽو ۽ گل، سائي رنگ تي سُڪل پن، جيڪي ڪَکن سان گڏيل ٿيندا آهن. حڪيمن جي چوڻ موجب ڪيترين ئي بيمارين لاءِ فائديمند آهي. عام ماڻهن وٽ خيال آهي ته هي وارن وڌائڻ، سنڌن جي سُور ۽ بدن جي خارش تي مالش ڪرائڻ سان فائدو ڏئي ٿو. هن جا پن، ڏاڙهونءَ جي پنن جهڙا ٿيندا آهن. هيءُ ٻوٽو پنن ۽ گلن سميت دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو اڪثر ڪري ڪشمير ۽ نيپال ۾ پيدا ٿيندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو