بلخ

بلخ: بلخ درياهه آمو (جيحون) جي ڪناري افغانستان جو هڪ قديم ترين شهر آهي. قديم زماني ۾ هيءُ بڪتيريا (باختر) جو تخت گاهه هو ۽ ان کي وڏي اهميت حاصل هئي. ڪجهه وقت ان تي ايران به قابض رهيو. ان کان اڳ هيءُ ايران جو صوبو به رهيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته آتش پرستن جي باني زردشت هن شهر ۾ پيدا ٿيو هو. ان کانپوءِ هيءُ شهر ٻڌمت جو مرڪز به رهيو. 653ع ۾ هن شهر تي عربن قبضو ڪيو. 1221ع ۾ چنگيز خان هن شهر کي تباهه ۽ برباد ڪيو. پراڻي شهر ڀرسان بلخ جو نئون شهر آباد ڪيو ويو آهي. جيڪو تجارت ۽ زراعت جو وڏو مرڪز آهي. هتان جا رهواسي اڪثر ازبڪ آهن. هن شهر جي آدمشماري 35000 ٿيندي.


لفظ بلخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو