بطليموس

بَطلِيمُوس: مشهور يوناني/ مصري هيئت دان ۽ جاگرافيءَ جو ماهر، جنهن جي نظرين تي مشتمل ڪتاب ”المجسطي“، جو دنيا جي مشهور ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. هيءُ تقريباً 85ع ۾ ڄائو ۽ 167ع ۾ گذاري ويو. ”ڪوپرنيڪس“ جي وقت تائين هيئت ۽ جاگرافيءَ تي سندس ڪتاب مستند ليکيا ويندا هئا، ليڪن ڪوپرنيڪس جي پيش ڪيل آسماني نظام، بطليموس جي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو، ڇو ته سندس نظام ۾ ڌرتيءَ کي ساڪن مرڪز تصور ڪيو ويو هو، جنهن جي چوڌاريءَ سج چنڊ ۽ ٻيا سيارا گردش ڪندا هئا .


لفظ بطليموسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0085.00.00  عيسوي

بطليموس 85ع ڌاري ڄائو.


0167.00.00  عيسوي

بطليموس 167ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله مرزا
ابو حڪم شيباني
ٽهلرام آزاد
اشرف سمون ڊاڪٽر
جلال الدين سنڌي
اختر اديب
قمرالدين چانڊيو
بکر فقير
خانزئي مولوي غلام محمد
بهادر خان ازبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون