بسط

بَسط: صوفين جو هڪ اصطلاح، جيڪو انهيءَ روحاني ڪيفيت سان واسطو رکي ٿو، جيڪا ’اميد‘ (رجا) ۾ طاري ٿيندي آهي. لفظي معنيٰ ڪشادگي، وسعت ۽ چٽائي آهي ۽ ان جو ضد آهي ”قبض“ جيئن ته ”بسط“ محض هڪ ”حال“ آهي، تنهنڪري ان جو شخصي عملن سان ڪوبه واسطو ڪونهي، بلڪ اُهو هڪڙو مسرت ۽ فرحت جو احساس آهي. انهيءَ ڪري صوفي، انهيءَ مقام کي قبض کان ادنيٰ تصور ڪندا آهن، ڇو ته جڏهن خدا جو وصل حاصل نه ٿيو ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته انسان جي انفرادي هستي ان جي ذات ۾ گم نه ٿي وڃي، انهيءَ ڪري ياس کان سواءِ ٻيو احساس نامناسب آهي. انهيءَ نڪتي جي وضاحت جنيد بغداديءَ جي هن بيان مان ٿئي ٿي ته ”خدا جو خوف“ مون ۾ ’قبض‘ پيدا ڪري ٿو ۽ ان جي بارگاهه مان ’اميد‘ مون ۾ ’بسط‘ پيدا ڪري ٿي. جڏهن هو خوف ذريعي مون ۾ ’قبض‘ پيدا ڪري ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي خوديءَ کان ٻاهر نڪري اچان ٿو. ليڪن هو ’رجا‘ جي ذريعي مون ۾ ’بسط‘ پيدا ڪري ٿو ته آءٌ پنهنجي خوديءَ ۾ موٽي اچان.“


لفظ بسطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو