بانولي

بانولي: ننڍي باز کي شڪار تي هيرائڻ لاءِ کنڀن کُٿل پکي کارائڻ کي ’بانولي‘ چئبو آهي. ننڍي باز کي فطري طرح شڪار ڪرڻ ان جا ماءُ يا پيءُ سيکاريندا آهن، اُن کي شڪار ڪيل پکي، جيت يا جانور کارائي هيرائيندا آهن، پر جيڪڏهن باز جو ٻچو ڌاريل هوندو آهي، ان کي خفتي شڪاري، هٿ سان پکي ڪُهي، کنڀ کوهي ڏيندا ته جيئن جيئرو پکي سمجهي ۽ حرصجي شڪار ڪرڻ تي هِري. اهڙو پکي، جيڪو باز کي سيکارڻ لاءِ کارائجي، ان کي شڪاري اصطلاح ۾ ”بانوُلي“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو