بالي/گولي

بالي گولي: سنڌ ۾ ڪنهن دور ۾ بالي عرف ”گولي“ مشهور گائڪا ٿي گذري آهي. جيڪا حيدرآباد جي رهواسي ۽ استاد عاشق علي خان جي مکيه شاگردن مان هڪ هئي. سندس ڳائڻ جو انداز به استاد عاشق علي خان جهڙو هو. ٺمري، سندس پسنديده راڳ هو ۽ ان تي کيس ملڪو حاصل هو. ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي کيس سٺي ڄاڻ هئي. سٺي ڳائڻي هئڻ ڪري کيس اڪثر محفلن ۾ مدعو ڪيو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو