باردانو

باردانو: واپاري اصطلاح ۾ اهو ٻوجهو، جيڪو اناج، ڦٽين، بُهه وغيره وجهڻ لاءِ ڪم اچي. مثلاً ڳوڻ، ڪَٽو، ٻوجهو وغيره. عام ماڻهو اُن کي ”باڙدانو“ به چوندا آهن. گهڻو ڪري وڏن واپارين کي جيترين ڳوڻين جي گهرج هوندي آهي، انهن سڀني لاءِ لفظ ”باردانو“ ڪم آڻيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو