بادا

بادا: مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ۽ انهيءَ نسبت سان تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ تپو، جنهن ۾ ديهه ’بادا رعيتي‘، ديهه ’بادا جاگير‘، ديهه ’رائلو‘، ديهه ’خانپور‘ ۽ ديهه ’ميولس‘ موجود آهن. ’بادا‘ ڪنهن وقت ۾ سنڌو درياءُ جو پراڻو بندر ۽ پتڻ هوندو هو. هيءُ پتڻ، پراڻي ڦليليءَ جي منهن کان سامهون ڪوٽڙي تعلقي ۾ هوندو هو، جنهن ڪري اُن جو سڌو واپار ٻيڙين رستي حيدرآباد شهر ۽ آسپاس سان هلندڙ هو. چون ٿا ته هتي جا سيد ڪنڀارڪو هنر ڪندا هئا. سندن ٿاڌل جا ڪونڊا، چلمون، دلا، مَٽَ، تس، پاٽيون، پارا ۽ ٽڀا وغيره نهايت مضبوط ٺهندا هئا. ٿانون جو گهاڙيٽو به اهڙو سهڻو هوندو هو، جو اهي سوکڙيءَ طور ويندا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور هئا. خاص ڪري ٻارن جا رانديڪا، چلمون ۽ حقا، گهاڙيٽي، سونهن ۽ مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا.


لفظ باداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو