اڪير

اڪير: اڪير هڪ خاص قسم جو لوڪ گيت آهي. جيڪو ٿرپارڪر خاص ڪري ڏيپلي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ رائج آهي. مضمون جي لحاظ کان هن گيت ۾ مائٽن جي محبت، اباڻي ڳوٺ جي اڪير جھڙا موضوع سمايل آهن. هن گيت ۾ ڏوراهين پنڌ تي پرڻائي ڏنل ڇوڪري مائٽن کي ياد ڪرڻ دوران ڪانگ کي مائٽن لاءِ نياپو ڏي ٿي. پري کان ڪنهن اوٺيءَ کي ايندو ڏسي کيس وڏو ڀاءُ ڀانئي ٿي ۽ سمجھي ٿي ته هو کيس وٺڻ لاءِ پيو اچي، گيت ۾ ان قسم جو پس منظر سمايل هوندو آهي. هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آيل مانجھو مٿو گونٿيو چهنا!
]امـــــڙ مــــنهنـــجــــو مـــٿو ڳنـــــڌيـــو[

لڪ تان چڙهتي مان جويو ڙي چهنا
]ڀـٽ تـــي چـڙهــنـدي نــهــاريـــم[

مهانجي موڀي جھڙو ٽيٺا ٺيٺ- گمانا
]ڄڻ ته وڏي ڀاءُ جھڙو ڪو اچي پيو[


لفظ اڪيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو