اڪرو

اَڪرو: هن نالي سان خيرپور ۽ دادو ضلعن ۾ جدا جدا ٻه ڳوٺ آباد آهن: هڪڙو ڳوٺ تعلقي فيض گنج ۾ آباد آهي. تعلقي فيض گنج ۾ هن نالي سان هڪ ديهه به آباد آهي. ٻيو تعلقي ڪوٽڙيءَ جو تمام پراڻو ڳوٺ آهي، جيڪو ”مُوڙهي“ جبل ۾ آباد آهي. هي ميرن جي دور ۾ آباد ٿيو. هن ڳوٺ ۾ سيد، ملڪ، ٽونگل، برفت، گهانگهرا، ماڇي، خاصخيلي، ٿيٻا ۽ خشڪ ذات جا ماڻهو رهندڙ آهن. هتي جا سيد اصل مٽياريءَ جا آهن. هن ڳوٺ ٿوري عرصي ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. هن وقت ڳوٺ جي پنج هزار کن آدمشماري ٿيندي. هتي پرائمري اسڪول، واٽرسپلاءِ ۽ اسپتال جون سهوليتون موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو