اڪبر خميسو خان

اڪبر خميسو خان

اڪبر خميسو خان

اڪبر خميسو خان: مشهور الغوزي نواز مرحوم خميسي خان جو فرزند اڪبر هن وقت سنڌ جو نامور الغوزي نواز مڃيو وڃي ٿو، جنهن کي تازو هن سال صدارتي اوارڊ به مليو آهي، پاڻ ضلعي بدين جي ڳوٺ راجا موريءَ جو رهاڪو آهي. جتي الغوزي کي سندس خاندان ۾ سڀ کان پهرين سندس والد ۽ چاچي وڄائي سنڌ ۾ وڏو نالو ڪڍيو. اڪبر خميسي خان کي ريڊيي حيدرآباد تي محترم نصير مرزا آڊيشن وٺي متعارف ڪرايو ۽ هن جلد ئي سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ فن جو مظاهرو ڪري شهرت ماڻي، الغوزي جي فن کيس دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير به ڪرايو. سندس والد خميسو خان تمغهءِ حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جهڙا اوارڊ حاصل ڪيا هئا، سندس خواهش هئي ته سندس پٽ اڪبر پڻ پڙهڻ سان گڏ الغوزي جو فن به سکي.
8 مارچ 1983ع تي استاد خميسو خان پنهنجي هن لائق فرزند کي تربيت ڏيندي دل بيهي وڃڻ سبب وفات ڪري ويو. اڪبر جي والد جي اها خواهش 1996ع ۾ ان وقت پوري ٿي، جڏهن پاڻ ريڊيو آڊيشن ڏيئي ڪامياب ٿيو، هن الغوزي وڄائڻ ۾ نت نوان تجربا ڪيا آهن ۽ سنڌي لوڪ ڌنن سان گڏوگڏ مختلف ملڪن جي لوڪ ڌن کانسواءِ ڪلاسيڪي راڳ راڳڻيون به وڄائي سگهندو آهي ۽ هن ڪيترن اهڙن سرن تي تجربي طور الغوزو وڄايو، جن تي کانئس اڳ ڪنهن به طبع آزمائي نه ڪئي هئي. سنڌي ڪلواڙي ۽ دادري تي سمورا الغوزي نواز ڌنون وڄائيندا آهن، پر هن روپڪ تال، چنچل تال، جهپ تال ۽ سُول فاخته (پنج ماترائون) تي لوڪ ڌنون وڄائڻ جا تجربا ڪيا آهن ۽ ان کانسواءِ الغوزي تي چيني، جرمن ۽ ٻين ملڪن جون لوڪ ڌنون وڄايون آهن، هن تازو ورلڊ صوفي فيسٽيول لاهور جي اوپن ٿيٽر ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، ساڻس گڏ بنبُو فليوٽ ماسٽر اڪمل قادري، شهنائي نواز استاد علي نواز خان ۽ سِتار نواز شاهد حسين حيدرآباديءَ سنگت ڪئي، اتي هن الغوزي تي راڳ پِيلو وڄائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، تازو هن صدارتي اوارڊ پڻ حاصل ڪيو آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته پنهنجي والد جيان سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو وڌيڪ روشن ڪندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.03.08  عيسوي

8 مارچ 1983ع تي استاد خميسو خان پنهنجي هن لائق فرزند کي تربيت ڏيندي دل بيهي وڃڻ سبب وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم محمد مراد چنا
ديوان واڌومل اُڌارام
محمد ملوڪ انڙ
رتيش سڌواڻي
رامانج آچاريه
سيد حاجي مهر علي شاهه
داداڀائي ولي محمد
پيرو کٽي
حنيف صديقي
ابو الڪسيس الزهراوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون