اکياڙي

اَکِياڙي: اکين تي ٻڌڻ لاءِ ڪپڙو. اُٺ يا ڍڳي کي نار، هرلي يا گهاڻي ۾ وهائڻ لاءِ ان جون اکيون ٻڌڻ ضروري هونديون آهن، ڇوته انهن ۾ وهندڙ جانور کي فطرت جي خلاف گول ڦرڻو هوندو آهي جي سندس اکيون کليل هونديون ته اهو جانور گول ڦرڻ بدران فطري طور تي سامهون سڌو هلڻ شروع ڪندو، جنهنڪري نار، هرلو يا گهاڻو ڦري ڪونه سگهندو، پر جي وهٽ جون اکيون ٻڌل هونديون آهن ته پوءِ هو جيتوڻيڪ ڦرندو ته گولائيءَ ۾ پيو آهي، پر اکين ٻڌل هئڻ جي حالت ۾ سمجهندو ائين آهي ته سڌو ۽ سامهون پيو هلان. اها گول ڦرڻ واري چال جانور کي ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي ۽ هو جلد ئي ٿڪجي بيزار ٿي پوندو آهي.


لفظ اکياڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو