اڙانا

اڙانا(راڳڻي): آساوري ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. ڪن گرنٿن ۾ هن کي ڪافي ٺاٺ ۾ ڳڻيو ويو آهي. مڌم گرهه جو سر اٿس. کرج وادي سر اٿس. ان جي شڪل سارنگ سان ملندڙ آهي، پر امروهي ۾ پنچم ۽ گنڌار جي سنگت کيس سارنگ کان ڌار رکندي آهي. تار ۽ مڌ آستان جي سرن ۾ ڳائڻ سان لطف پيدا ٿئي ٿو. هن راڳڻي جي خاص تان هي آهي: نانا ماپا- سا- نا پا- ماپا- سَا- ڌانا پا- ما- گا ما- ري- سا- ما ما- پا- سَا- ڌا نا سَا- رکي رکي سا-سَا- ناپا- گا گا- ما- ماري – سا. هن جي آروهي ساري ما پا ڌا نا سا ۽ امروهي سَا نا پا گا ماري سا، جڏهن ته وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر پنچم ۽ آڌي رات جو ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو