اڌڪ

اَڌَڪُ: وڌيڪ اڌ مهينو جيڪو 15 ڏينهن جو ٿئي، جيڪو سنبت ۾ هر ٽئين سال، شمسي سال سان برابر ڪرڻ لاءِ آکاڙ ۽ ساوڻ مهينن جي وچ ۾ ڳنڍيو ويندو آهي. اُن مهيني کي ڌرمائو مهينو به چوندا هئا. پاڪستان کان اڳ ڀارت جي جدا جدا صوبن ۽ رياستن ۾ ڌرمي ڏينهن ملهائڻ ۾ يڪسانيت نه هئي، تنهنڪري 1954ع ۾ هند سرڪار جنترين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ معياري جنتري رائج ڪئي. 23 مارچ 1954ع کي هندي سنبت جي چيٽ مهيني جي پهرين تاريخ مقرر ڪئي. هن جنتريءَ ۾ مهينن جا ڏينهن هيٺينءَ طرح مقرر ڪيا ويا: چيٽ 30 ڏينهن، ويساک 31 ڏينهن، ڄيٺ 31 ڏينهن، آکاڙ 31 ڏينهن، ساوڻ 31 ڏينهن، بڊو 31 ڏينهن، اسو 30 ڏينهن، ڪتي 30 ڏينهن، ناهري 30 ڏينهن، پوهه 30 ڏينهن، مانگهه 30 ڏينهن ۽ ڦڳڻ 30 ڏينهن اهڙي طرح چنڊ جي حساب وارن مهينن جي کوٽ ڀري ويئي. هاڻي هندي سال ۾ ”اَڌڪ“ مهينو ڳنڍيو نه ويندو آهي.


لفظ اڌڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو