اٽنگڻ

اُٽَنگڻُ/ اٽنگڻ: هڪ قسم جو پسارڪو وکر. حڪيمن موجب گرم خشڪ اثر اٿس، آنڊن ۽ معدي کي نقصان رسائي ٿو. هي اِلسيءَ جي ٻج جهڙو ٻج آهي. ڊگهو، ڪارو، چپترو ۽ ڳاڙهاڻ مائل ٿيندو آهي. حڪيمن جي چوڻ موجب ڪيترين بيمارين ۾ فائدو پهچائي ٿو. پيشاب کي جاري ڪري ٿو. ڪم طاقتيءَ کي هٽائي ۽ نسن ۾ سختي آڻي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو