ايڊز

ايڊز (بيماري): هڪ لا علاج بيماري، جيڪا رت جي مدافعتي نظام ۾ خرابي پيدا ٿيڻ ڪري ڦهلبي آهي. هيءَ پکڙجندڙ بيماري، هڪ خاص وائرس، ايڇ. آءِ. وي (Human Immunodeficiency Virus) ذريعي پکڙجندي آهي. ايڊز (Acquired Immunodeficiency Syndrome)۾ مبتلا مريض جو دفاعي نظام ايتريقدر ڪمزور ٿي ويندو آهي جو هو آهستي آهستي مختلف بيمارين جو شڪار ٿي موت جو کاڄ بڻجي ويندو آهي. دراصل مريض جي جسم ۾ موجود اينٽي باڊيز ٻاهرين حملي آورن خلاف مؤثر دفاع ڪرڻ جي قابل نٿيون رهن، جنھن جي نتيجي ۾ بار بار مختلف بيماريون، وائرس ۽ ٻيا جراثيم حملي آور ٿين ٿا.”ريٽرو وائرس“ (Retro virus) نالي سان سُڃاتي ويندڙ هيءَ بيماري سڀ کان پھرين 1983ع ۾ دريافت ڪئي وئي ۽ 1986ع ۾، انسان جي رت جي ڳاڙهن جُزن ۾ هن بيماريءَ جا جيوڙا ڏٺا ويا. ايڊز جي ڦهلجڻ جو مکيه سبب جنسي بي راهه روي آهي، جڏهن ته ايڊز مان متاثر ٿيل رت جي ڏي وٺ، متاثر ٿيل مريض تي استعمال ٿيندڙ سرنج جو ٻيھر استعمال ڪرڻ، ۽ جسم تي سوراخ ڪندڙ ڪنھن به اوزار (ڪن ٽوپڻ، ڏاڙهي يا وار ڪوڙڻ لاءِ) جو گهڻا دفعا استعمال ڪرڻ پڻ ايڊز جي پکڙجڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. هيءَ بيماري آهستي آهستي پکڙجي ٿي، تنھن ڪري ان جون ابتدائي علامتون ۽ نشانيون پڻ آهستي آهستي ظاهر ٿينديون آهن. سڀ کان اول غيرمحسوس، معمولي زڪام جھڙي بيماري ظاهر ٿي سگهي ٿي، ان کان پوءِ مريض سالن تائين بلڪل ٺيڪ نظر ايندو. پر باطني طور هُو مڪمل ايڊز جو مريض بڻجي ويندو آهي. ايڊز جي وڏين علامتن ۾، وزن جو 10 سيڪڙو گهٽجي وڃڻ، هڪ مھيني تائين الٽيون اچڻ، بخار جو هڪ مھيني تائين رهڻ، کنگهه جو مستقل رهڻ ۽ جسم تي ڳاڙها داغ ٿيڻ شامل آهن. ايڊز کان بچاءَ جي طريقن ۾، پنھنجي شريڪ حيات تائين محدود رهڻ ۽ جنسي ڇڙواڳيءَ کان پرهيز ڪرڻ انتھائي اهم آهن، جڏهن ته سُئي يا ٽُڪو لڳرائڻ ضروري هجي ته نئين سرنج استعمال ڪجي؛ نشئي ماڻهن تي استعمال ٿيل سرنج جي ٻيھر استعمال کان پرهيز ڪجي ۽ ضرورت وقت رت وٺجي ته ان ۾ ايڊز جي وائرس ۽ “Hepatitis-B & C” جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي. گهڻن ماڻهن تي هڪ ئي بليڊ جي استعمال ٿيڻ ڪري به وائرس پکڙجڻ جو خطرو آهي، ان ڪري هڪ بليڊ کي، هڪ ئي ڀيرو استعمال ڪجي. صحت جي عالمي اداري طرفان پڌري ڪيل رپورٽ مطابق سال 2019ع تائين، دنيا ۾ 1.7 ملين ماڻهو هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيا، جن مان تقريبن 6 لک 90 هزار موت جو کاڄ بڻجي ويا. هن وقت (22-2021ع) سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 38 ملين ماڻهو ايڇ. آئي. وي. وائرس (ايڊز) جو شڪار آهن. نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام مطابق پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 2 لک 40 هزار آهي، جن مان 46919 مريضن پاڻ کي هن قومي اداري ۾ رجسٽرڊ ڪرايو آهي. صحت جي عالمي اداري ۽ ماهرن طرفان هن بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ هڪ وئڪسين ”زڊو ويوڊائن“ (Zidovudine) تيار ڪئي وئي آهي، جنھن ذريعي، متاثر ماڻهن جي موت واري شرح کي 20 سيڪڙو تائين گهٽايو ويو آهي، پر تڏهن به اڃا تائين مڪمل طور، هن بيماريءَ جي خاتمي لاءِ ڪو علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت پوري دنيا جا طبي ماهر هن ڳالهه تي متفق آهن ته صرف جنسي لاڳاپن ۾ محتاط رهڻ، سرنج جو ٻيھر استعمال نه ڪرڻ ۽ رت جي جزن جي منتقليءَ کان بچڻ ئي هن موتمار بيماريءَ جو واحد علاج آهي. صحت جي عالمي اداري ۽ گڏيل قومن جي گڏيل سھڪار سان هر سال پھرين ڊسمبر تي ايڊز کان بچاءُ لاءِ عالمي ڏينھن ملهايو ويندو آهي. پھريون ڀيرو اهو ڏينھن 1988ع ۾ ملهايو ويو ته جيئن هر سطح تي هن مرض متعلق درست معلومات عام ڪئي وڃي. تڏهن کان وٺي موجوده وقت تائين اهو ڏينھن ساڳئي مقصد سان مختلف ٿيمز ۽ نعرن هيٺ ملهائجي پيو. 2021ع ۾ هن ڏينھن جو ٿيم ”End Inequalities/End AIDs” رکيو ويو آهي. يعني ’اڻبرابري ختم ڪري ايڊز جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو‘.


لفظ ايڊزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو