اوڙ

اوڙ: ٻني کيڙڻ يا هر ڏيڻ وقت چونيءَ سان هڪڙي ٻني کان ٻئي ٻَني تائين جيڪو چونيءَ جو گيهو يا رهڙو اچي، تنهن کي اوڙ چئبو آهي. جديد طريقي سان پوک ڪرڻ لاءِ هڪڙي ايڪڙ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه اوڙون ڏيندا آهن.
اوڙ سِڌي ڄڻ سينڌ سڄڻ جي“
(امداد حسيني)


لفظ اوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو