اوڏڻ

اوڏڻ: هيءُ گيت سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ عام رائج آهي. هن گيت جو تعلق ”لاکي ۽ اوڏڻ“ جي مشهور نيم تاريخي عشقيه داستان سان آهي، جنهن ۾ ڄام لاکي، اوڏڻ جي سونهن تي موهت ٿي ساڻس شادي ڪئي هئي. شاديءَ بعد هن اوڏن کي مال دولت سان مالا مال ڪيو هو. ڄام لاکي جي سخا ۽ اوڏڻ جي نهٺائي هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. اوڏڻ، ڄام لاکي جي سونن ڳهن کان انڪار ڪندي چئي ٿي ته:
”اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان!“
هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
وراڻي: ’اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان‘
ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان، ڦٽو ڪر شان اوڏڻ سان،
اسان جو پکڙن سان آهي پيار.....
سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سڻ تون اوڏڻ ٻائي!
سي ته سُونهن تنهنجي راڻين کي، سڻ راجڙي سائين!
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان.. .


لفظ اوڏڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو