اوڀارو

اوڀارو: درياهه جو اُبتو وَهڪرو. ڪٿي ڪٿي درياهه ۾ گهنڊيءَ يا ور جي ڪري وهندڙ پاڻي ڪپر سان ٽڪرجي وري پوئتي ورندو آهي، جيتوڻيڪ اُن جي وَهڪ اڳتي هوندي آهي. اهڙي غيرمعمولي اُبتي وهڪري کي ”اوڀارو“ چئبو آهي. ”اوڀارا“ ترڻ وارن جي لاءِ تڪليف جو باعث بڻبا آهن، ڇاڪاڻ جو اوڀاريءَ وهڪ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن درياهه ۾ ڪُنَ به ٿي پوندا آهن، تنھنڪري اهڙن اوڀارن ۾ ٻڏڻ جو خطرو به ٿي سگهي ٿو. اوڀارو لفظ جو ضد آهي ’لھوارو‘. ٻيڙي وهڪري کي سامھون يعني مٿانهين طرف هَلي ته ان جي رفتار گهٽ هوندي، پر جڏهن ڇوڙ واري هيٺانهين پاسي (وهڪري سان) هلندي، ته ان جي رفتار تيز ٿي ويندي. ٻيڙي ذريعي سکر کان ملتان وڃبو ته اهو اوڀارو سفر چئبو. وري جڏهن ملتان کان سکر اچبو ته اهو سفر لھوارو سفر چئبو.


لفظ اوڀاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو