اولڙو

اولڙو (Reflection ):عڪس يا پردو، ان کي روشنيءَ جي موٽ (Reflection) به چئبو آهي. جيئن ته روشني سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، تنهنڪري غير شفاف (Non-Luminious) جسمن تي روشنيءَ جا ڪرڻا پوڻ سان، اهي سمورا يا ڪجهه موٽ کائيندا آهن. پر جيڪي شيون لسيون ۽ وڌيڪ چمڪدار ٿينديون آهن، سي روشنيءَ جي ڪرڻن کي وڌيڪ نمايان ۽ سُٺيءَ طرح واپس ڪنديون آهن. جيئن آئينو يا ڪنهن ٻي شيءِ جي لسي سطح ۽ پاليش ٿيل سطح. اهڙي قسم جي اولڙي کي روشنيءَ جي باقاعدي موٽ (Regular Reflection) چئبو آهي. جڏهن اسين ڪو آئينو سج طرف جھليندا آهيون ته اس موٽ کائيندي آهي ۽ پوءِ آئيني جو رُخ جنهن طرف به ڦيرائيندا آهيون، اولڙو به انهيءَ طرف ئي رخ ڪندو آهي. آئيني وارو اولڙو ايترو ته چِٽو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهو ماڻهن جي اکين تي پوي، ته يڪدم اکيون پورجي وينديون اٿس. جهڙي ريت سج طرف اکيون کڻي نه سگھبيون آهن. روشنيءَ جي موٽ جا قاعده مشهور سائنسدان ابن الهيشم (Ibn-ul-Hasham) معلوم ڪيا.


لفظ اولڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو