اوستا

اوستا: هڪ ذات جو نالو. اوستا پاڻ کي سومرن جي شاخ ظاهر ڪن ٿا، جن جي ماضيءَ ۾ ڪرت، تعميرات ۽ عمارت سازي رهي آهي. جيڪب آباد تعلقي ۾ اوستا، وڏين زميندارين جا مالڪ رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته انگريزن جي دور ۾ اوستي ڀليڏني خان کان انگريزن گهڻو ئي تعميراتي ڪم ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عمارتون جوڙايون هيون. موجوده ڪپڙا مارڪيٽ ۽ گهنٽا گهر به انهن ۾ شامل آهن. انهن جي عيوض ۾ انگريزن اُستي ڀليڏني کي زرعي زمين عطا ڪئي. هُن ڀليڏني آباد جو شهر ٻڌي زمينون آباد ڪيون، جتان سندس پويان زميندار بڻيا. بعد ۾ اوستي ڪريم ڏني خان مسجد ٺهرائي ۽ اُن سان گڏ ديني مدرسو قائم ڪيو. انهيءَ کان سواءِ 500 جريب زمين جا خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪيا، جن جي اپت مان هر سال ڪيترائي مستحق ماڻهو حج تي اماڻيا ويندا هئا، ان جي نياڻي درمحمد خان اوستي سان پرڻيل هئي، جيڪو ون يونٽ دور ۾ ۽ ان کان پوءِ سنڌ جو تعليم وارو صوبائي وزير بڻيو.
اڳ اُوڍن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اوستا ۽ اوڍا، اوڍي بزرگ جا مريد هئا، تن کي هن تر جي وڏي زميندار مرکياڻيءَ، ڌيءَ پرڻائي ملڪيت جو اٺوڳ ڏنو هو، سا ملڪيت اوستي محمد خان کي ملي هئي، تنهن وڃي اوستي محمد جو شهر وسايو. ان کان علاوه اوڍي بزرگ جي خليفي هئڻ ناتي اوستو تلفظ ڦيرائي اوستا ڪوٺجڻ لڳا. هن وقت اوستا جيڪب آباد کان وڌيڪ شڪارپور ۾ آباد آهن، پر وڏيون ملڪيتون جيڪب آباد ۾ اٿن.
عام معنيٰ ۾ ”اوستو“، اُستاد، ڪاريگر کي چيو ويندو آهي .


لفظ اوستاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو