انکرو

انکرو: ٿر ۾ ٿيندڙ هڪ قسم جي ول، جيڪا جهنگ ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ مرٽن، ٻُوهن، ڄارين، ڦوڳن، کِپن ۽ سِڻن تي ڇانئجي ويندي آهي. هن جا پن ننڍا ٽڪنڊي شڪل جا ٿين ٿا ۽ ان جو ڦر ڀڳڙي جيڏو چِٽڪَمرو سائي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو ڪنهن به ڪم نٿو اچي. هيءَ ول، اُٺن، ٻڪرين، رڍن ۽ ڇيلن جو خاص کاڌو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو