انور فگار هڪڙو

انور فگار هڪڙو

انور فگار هڪڙو

انور فگار هڪڙو: نوجوان اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو اصل نالو محمد انور محمد صديق هڪڙو آهي. هن پهرين اپريل 1961ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ. ايم. اي (سنڌي) ۽ پي. ايڇ. ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو موضوع ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد آهي. انور فگار هڪڙي، سنڌي جديد شاعريءَ جي اهم نامور شاعر کيئلداس ”فاني“ جي شاعري وڏي تحقيق بعد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏني، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان سواءِ انور فگار هڪڙي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو ”سون برابر سڳڙا“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو آهي. انور فگار هڪڙي، شيخ اياز جي ڪهاڻين کي ”تند برابر توريان'>جي تند برابر توريان“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اياز جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”جنم جي جيت اياز'>جنم جنم جي جيت اياز“ 1999ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. انور فگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مصمون وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ عليم رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ انور فگار هڪڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.04.01  عيسوي

انور فگار هڪڙو: نوجوان اديب ، شاعر ، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو اصل نالو محمد انور محمد صديق هڪڙو آهي . هن پهرين اپريل 1961ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سبرين هيسباڻي
بخشڻ مهراڻوي
خورشيد احمد شاهه
آلو فقير
ڄاموٽ سيد حسن علي
جهان خان ثاني
چانڊيو محمد باقر خان
بختيار بيگ
بابا سريچند
حسين بادشاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون