گلوڪاره امينه

گلوڪاره امينه

امينه

امينه (گلوڪاره): سنڌ جي نامور گلوڪاره امينه جو پورو نالو غلام زينب شاهه المعروف امينه ڌيءَ علي بخش شاهه آهي. هن 15 ڊسمبر 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سيد باز محمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪئي. 1967ع ۾ ميران اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ۽ 1969ع ۾ پي ٽي سي جي ٽريننگ ڪري بئراج ڪالوني حيدرآباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي ۽ پوءِ هيڊ مسٽريس جي عھدي تي پھتي. هن کي ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هو. مختلف محفلن ۾ مرثيا ۽ نوحا پڙهندي هئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران زرينه بلوچ سندس گھڻي همت افزائي ڪئي ۽ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آئي. جنھن کانپوءِ استاد محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جي ساٿ سندس لئه ڪاريءَ کي پختو بڻايو. ريڊيو تي هن جي آواز ۾ پھرين ڪافي حاجي شاهه جي رڪارڊ ٿي. ان کانپوءِ هن ڪيترائي ڪلام، ڪافيون، سھرا ۽ لوڪ گيت ڳاتا. امينه جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدي ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دور جي سنڌي موسيقيءَ جي اُفق تي چمڪندڙ ستارن ۾ زرينه ۽ روبينه گهڻيون مشھور ٿي چڪيون هيون. ان ڪري پروڊيوسر خواجه امداد علي هن فنڪارا لاءِ انھن فنڪارائن جي تتبع تي”امينه“ نالو تجويز ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ هوءَ پنھنجي اصلي نالي غلام زينب سان سڏبي هئي. اهڙي طرح هوءَ غلام زينب شاهه مان امينه ۽ پوءِ امينه صادق بڻجي وئي. امينه سڄي سنڌ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس ڳاتل ڪيترا سھرا مشھور ٿيا. جن ۾ جڳ مشھور ڳيچ ”هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي“ به شامل آهي. جيڪو ڪمپوز به سندس ئي ٿيل هو. 28 ڊسمبر 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ امينهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.15  عيسوي

سنڌ جي نامور گلوڪاره امينه ناز جو پورو نالو غلام زينب شاهه المعروف امينه ڌيءَ علي بخش شاهه آهي . هن 15 ڊسمبر 1946ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


2012.12.28  عيسوي

گلوڪاره امينه 28 ڊسمبر 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو محمد اسماعيل
سارغون اول
سعيده گوپانگ
سنڌ ابن علي
اسماعيل موندرو
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
پاٽائي مخدوم عباس
احمد علي شاهه ڊاڪٽر
سورٺ ٿيٻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون