اميبيا

اميبيا

اميبا

اميبا (Amoeba/Ameba ):هيءُ هڪ گهرڙي تي مشتمل جاندار بيٺل پاڻيءَ جي دٻن ۽ تلائن ۾ رهي ٿو. هن جو تعلق فائيلم پروٽوزوا سان آهي. هو خوردبيني (Microscopic) جاندار آهي، خوردبين کانسواءِ ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، پر خوردبينن جي هيٺان هن جي ڪا مستقل شڪل نظر نه ايندي آهي، ڇو ته هي هر وقت پنهنجي شڪل بدلائيندو رهي ٿو. هن جو گهيرو اٽڪل هڪ ملي ميٽر جي چوٿين حصي جيترو هوندو آهي. اميبا جي بناوت نهايت سادي آهي. سائٽو پلازم جي ٻاهران گهرڙي جو پردو هوندو آهي، جيڪو ان جي حفاظت ڪندو آهي. اميبا جي چرپر سان نيوڪليئس به پنهنجي جاءِ مٽائيندو رهي ٿو.


لفظ اميباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو