امنگون

امنگون(ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي صاحب اسلوب شاعر سيد نياز علي شاهه عرف محسن ڪڪڙائي جو هي پهريون ڪرائون سائيز 65 صفحن جو ڪتابڙو، جمعي خان شيخ، نثار ٽاڪيز- خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ واري اپريل 1960ع ۾ هڪ هزار ڪاپيون ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت صرف 75 پئسا هئي. هڪ خيال جي عنوان سان هن ڪتاب جو تعارف اديب محمد علي ’عيان‘ دائود پوٽي لکيو آهي. هن شعري مجموعي جو انتساب محسن ڪڪڙائي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي. ”پنهنجن حريفن جي نالي......... جن جون مهربانيون، وسرڻ جون ناهن“. هن ڪتاب تي استاد شاعر احمد خان آصف مصراڻيءَ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن مجمومي ۾ غزل، نظم، رباعيون، قطعا، مطلع، فرد ۽ قطعه تاريخ شامل آهن.


لفظ امنگونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو