امر سنڌو

امر سنڌو

امر سنڌو

امر سنڌو: سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ آهي. سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي. سندس جنم ڳوٺ دودي خان لغاري، تعلقي ميرپورخاص ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي فلسفي واري شعبي جي چيئرپرسن آهي. سندس شاعري، مضمون، ڪالم ۽ سياسي تجزيا مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇچجندا رهندا آهن. سندس شاعريءَ جو ترجمو اردو ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. جرمنيءَ جي ٻن شھرن ميونخ، هائيڊل برگ ۾ سائوٿ ايشيا جي شاعرن سان ادبي مذاڪرن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. گوئٽي انسٽيٽيوٽ پاران جرمن جي ٻن شاعرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪري چڪي آهي جيڪو جرمني مان هڪ اينٿالاجي ۾ شايع ٿيل آهي. ان سان گڏ ملڪي سطح تي ملڪ جي مختلف شھرن ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد توڙي حيدرآباد جي وڏن ادبي ميڙاڪن ۾ مھمان اسپيڪر طور شريڪ ٿيندي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هوءَ نقاد ۽ باشعور ليکڪا طور مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادب تي سٺي دسترس رکي ٿي ۽ سماجي ۽ ادبي حوالي سان سرگرم ڪارڪن آهي. عورتن جي سجاڳيءَ ۽ سندن حقن لاءِ هر وقت پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي. سندس ڪجهه شاعري شيخ اياز جي نوٽ سان ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ ۾ ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”اوجاڳيل اکين جا خواب“ ڇپيل آهي. 2015ع ۾ حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جو قيام عمل ۾ آندائين ۽ ان پليٽ فارم تان شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اياز ميلي جي ابتدا پڻ ڪئي، جيڪو هر سال ايڪيھين ڊسمبر کان پنجويھه ڊسمبر تي ملھايو وڃي ٿو.


لفظ امر سنڌوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.08.28  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ آهي. سندس والد جو نالو حسين بخش لغاري آهي. سندس جنم ڳوٺ دودي خان لغاري، تعلقي ميرپورخاص ۾ 28 آگسٽ 1968ع تي ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثمامه رضه بن آثال
امداد علي سولنگي
ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
حداد حاجي محمد
تبسم عبدالغفار ڀٽي
شهاب الدين صوفي
خواجه مير درد
الانا جي
اصغر سائين
عبدالقادر چولياڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون