امتياز دانش

امتياز دانش

امتياز دانش

امتياز دانش: نوجوان شاعر امتياز دانش جو جنم ڳوٺ سيهڙ وليج، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فيض محمد لوهر جي گهر ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيهڙ وليج، مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڏوڪري، انٽر حيدر بخش ڊگري ڪاليج ڏوڪري، ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هن شاعريءَ جي ابتدا ننڍپڻ کان ڪئي. روزگار سانگي سندس لاڙو صحافت ڏانهن ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي مختلف اخبارن روزاني ‘عوامي آواز’، ‘خبرون’، ‘تعمير سنڌ’، ‘سوڀ’، ’هلال پاڪستان’ ۾ سب ايڊيٽر رهيو. سنڌي چئنلن ’سنڌ ٽي. وي‘ ۽ ’ڪي. ٽي. اين’ تي ڪيترو وقت سب ايڊيٽر، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. سندس شاعريءَ توڙي مضمون مختلف سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. پاڻ قومي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. 2012ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پپري ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘پرينءَ جو عڪس’ ڪنول پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل آهي. امتياز دانش هن وقت گلشن حديد، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ امتياز دانشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو