اليڪٽرانڪس

اليڪٽرانڪس

اليڪٽرانڪس

اليڪٽرانڪس: هٿرادو برقي شين ۾ ريڊيو، ٽيليويزن، ريفريجريٽر، استري، پنکا، ايئرڪنڊيشنر، واشنگ مشينون، برقي چُلها، ڪٽليون، جوسر، بلينڊر ۽ ٽوسٽر وغيره اچي وڃن ٿا.
برقي شين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪڙيون ڳريون برقي شيون ۽ ٻيون هلڪيون برقي هٿرادو شيون. ڳرين برقي شين ۾ اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، ٽرانسفارمر ۽ بجليءَ جا ٻيا وڏا سامان اچن ٿا. هلڪين برقي شين ۾ بجليءَ جون موٽرون، پنکا، واشنگ مشينون، فرج ۽ ننڍا ٽرانسفارمر وغيره شامل آهن. بجليءَ جون ڪيتريون هٿرادو شيون پاڪستان ۾ تيار ٿينديون آهن، جن ۾ موٽرون، پنکا، بلب، ٽيوب لائيٽون، ڪيبل تارون، واٽر ڪولر، وولٽيج ريگيوليٽر، اسيبلائيزر، استريون، هيٽر، ٽيبل لئمپ، بَزر، گهنٽيون، ٽوسٽر ساڪيٽ، پلگ، هولڊر ۽ سئچ وغيره کان سواءِ وڏين برقي شين جا ننڍڙا ننڍڙا پرزا ۽ اوزار شامل آهن.
پاڪستان ۾ بجليءَ جون تارون ۽ ڪيبل بنائڻ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. گجرات ۾ پنکن جي صنعت آهي، جتي هر قسم جا پنکا تيار ڪيا ويندا آهن. ان کانسواءِ ڊيزرٽ ڪولر خالص پاڪستاني صنعت آهي. برقي هٿراڌو شين جي وڏي مارڪيٽ ڪراچيءَ ۾ آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي سڀني شهرن، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ مارڪيٽون آهن. ڊيزرٽ ڪولر جا ڪارخانا ڪراچيءَ، لاهور، گجرات ۽ گجرانوالا ۾ آهن.
بجليءَ جي بلبن ۽ ٽيوب لائيٽن ۾ پنج واٽ کان ويندي 1500 واٽ جا بلب، ٻن فوٽن ۽ چئن فوٽن جون ٽيوب لائيٽون، وڌيڪ روشنيءَ ۽ طاقت جا مرڪيوري بلب ۽ گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ گهٽ وولٽيج جا بلب شامل آهن.
پاڪستان ۾ ننڍا ۽ وڏا ٽرانسفارمر ٺاهڻ جا اَٺ ڪارخانا آهن. ان کان سواءِ پاڪستان ۾ پلاسٽڪ مان ٺهندڙ برقي شيون، جن کي بيڪرلائيٽ چيو ويندو آهي، به تيار ٿينديون آهن. بجليءَ جو موٽرون ۽ واشنگ مشينون ٺاهڻ جا به ڪيترائي ڪارخانا پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
اڄ جي جديد دؤر ۾ بجلي رڳو گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ نه، پر سڄي گهر کي هلائڻ جي ذميداري کڻي چڪي آهي. بجليءَ جي شين، اڄ ”گهر“ جو تصور ئي بدلائي ڇڏيو آهي.


لفظ اليڪٽرانڪسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو