المنار

المنار(رسالو ):هيءُ سنڌي رسالو، جيڪو ماهوار شايع ٿيندو هو، ان جو ايڊيٽر عبدالرحيم کرل هو، جيڪو پوءِ خيرپورميرس جو چيف جج مقرر ٿيو. رسالو 1930ع ۾ جاري ٿيو. حافظ عبدالحميد ڀٽي رسالي جو پرنٽر ۽ پبلشر هو. 1933ع ۾ ”المنارحافظ عبدالحميد جي ايڊيٽريءَ ۾ هفتيوار اخبار بنجي ويئي. اخبار جي پاليسي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي فائدي ۾ هئي. رسالي واري زماني ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي اُن جا مکيه مضمون نگار هئا. ڪجهه وقت مرحوم جي فرزند رشيد ڀٽيءَ پڻ هيءَ اخبار ڪڍي.


لفظ المنارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو