الزليخا

الزليخا (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب پير حسام الدين راشديءَ جو لکيل آهي، پر پير صاحب پنهنجو نالو سيد فدائي الراشديءَ ڄاڻايو آهي. هن ڊبل ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 46 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، حافظ شمس الدين، عبدالمجيد پريس سکر مان 1930ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، محموديه پرنٽنگ پريس، سکر مان سال 1951ع ۾ حافظ شمس الدين ڀٽيءَ ڇپايو. جڏهن ته ان ڪتاب کي نئين ترتيب سان قريشي حامد علي خانائيءَ تفصيلي مقدمي سان ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ الزليخاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو