الجي

الجي

الجي

الجي (Algae ):الجي ٻوٽن جي دنيا ۾ سادي ۾ سادو گروپ آهي. هي روشنائي ترڪيب وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ٻين ٻوٽن وانگر هن ۾ به سائو مادو ’ڪلوروفل‘ ٿئي ٿو. هن جي اصل جاءِ پاڻي آهي ۽ هي مٺي توڙي کاري پاڻي ۾ پيدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح هي وهندڙ ندي، نالن، ڍنڍن ۽ سمنڊ ۾ ٿئي ٿي. الجي عام طرح پاڻي ۾ ترندي رهي ٿي يا پٿرن وغيره سان چنبڙيل هوندي آهي. بناوٽ جي لحاظ کان الجي ٻن قسمن جي يعني هڪڙي هڪ گھرڙي واري ۽ ٻي گھڻن گھرڙن واري ٿئي ٿي. نيري سائي الجي کانسواءِ الجي جي ٻين سڀني گروهن ۾ گھرڙي جي اندر نيوڪليس ۽ ٻيون بناوٽون موجود ٿين ٿيون. هي روشنائي ترڪيب وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ڪجهه گھڻ گھرڙن واري الجي جي بناوٽ ڌاڳي نما Fintamentous جھڙي ٿئي ٿي.
الجي جون 20000 کان به وڌيڪ جنسون ٿين ٿيون، جن کي رنگن ۽ بناوٽ جي بنياد تي مختلف گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ڪلئميڊو موناس يا گھڻ گھرڙن وارا يولو ٽرڪس ۽ اسپائرو گائرا ٿين ٿا. پاڻي واري ماحول ۾ ٿيندڙ روشنائي ترڪيب جو تقريباً 90 سيڪڙو الجي جي ڪري ٿئي ٿو. انهيءَ عمل جي دوران پيدا ٿيندڙ آڪسيجن مان ٻوٽا ۽ جانور ساهه کڻندا آهن. الجي روشنائي ترڪيب وسيلي صرف پاڻ لاءِ خوراڪ پيدا ڪندا آهن. پر انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ جانورن لاءِ کاڌي جو وڏو ذريعو آهي. اهڙي طرح هي پاڻي جي غذائي زنجير ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو.


لفظ الجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو