اشوڪا

اشوڪا

اشوڪا

اشوڪا: موريا گهراڻي جو هڪ مشهور راجا. هي راجا چندر گپت جو پوٽو ۽ بندوسار جو پت هو. پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي هڪ ٻئي پٺيان ٽئڪسيلا ۽ اُجين جو گورنر رهيو. انتظامي صلاحيتن کي ڏسندي، بندوسار پنهنجن ٻين پٽن جي نسبت اشوڪا کي ترجيح ڏني ۽ کيس ولي عهد بڻايو. هيءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ 237 ق. م ڌاري ”مگڌ“ جي گاديءَ تي ويٺو. پنهنجي دؤر حڪومت ۾ هن ڪانگڙہ (اڙيسا) تي حملو ڪيو. انهيءَ حملي ۾ جيتوڻيڪ هن کي فتح ته ٿي، پر جنگ ۽ خون، حڪومت کان سندس دل کٽي ڪري وڌي ۽ هن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو ۽ باقي حڪومت انهيءَ ڌرم جي تعليمات مطابق ئي هلايائين. هن ٻڌ ڌرم جي پرچار لاءِ هرهنڌ پنهنجا مبلغ موڪليا. سنڌ ۾ هن جو خاص چيلو ”اپار گپتا“ آيو، جنهن هتي ٻڌمت جو تمام گهڻو پرچار ڪيو. اشوڪا، سنڌ، بلوچستان، صوبي سرحد ۾ مانسهره، سوات، پاڪستان جي اترين علائقن، افغانستان، ڪشمير، نيپال، يونان ۽ مصر تائين ٻڌمت جا ڪتبا کڙا ڪرايا، جن مان ڪي هن وقت به موجود آهن، جن مان سارناٿ جي ڪتبي کي بنيادي اهميت حاصل آهي. هن بيشمار اسٽوپا به تعمير ڪرايا. هي اهنسا (عدم تشدد) جو پيروڪار هو ۽ حڪومت جو پويون عرصو ڀڪشو (ٻڌ درويش) بڻجي هلايائين. 186 ق. م ڌاري اشوڪا وفات ڪئي. سندس مرڻ کان ستت ئي پوءِ موريا خاندان جي حڪومت ختم ٿي وئي.


لفظ اشوڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو