ازدها

ازدها: وڏو نانگ. ارڙ نانگ. اجگر. هيءَ تصوراتي بلا آهي، جيڪا قصن ڪهاڻين ۾ بديءَ جي علامت طور ايندي آهي ۽ ساهوارن کي ڳيهي ڇڏيندي آهي. هڪڙو آسماني نکٽ به اهڙو آهي، جنهن ۾ تارن جي قطار لهر وانگر ڏسبي آهي، جنهن کي به ”ازدها“ جو نالو ڏيندا آهن. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ”اجگر“.


لفظ ازدهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو