اربعا

اربَعا: اصل عربي لفظ ”اربع“ يا ”اربعه“ جنهن جي معنيٰ آهي چار. سنڌي ٻوليءَ جي ڦيري مطابق پڇاڙيءَ ۾ ’الف‘ وڌائي مؤنث صورت ۾ ”اربعا“ (=چوٿون يا چوٿين) کي هفتي جو چوٿون ڏينهن ڪيو ويو. نجوم مطابق هفتي جا ڏينهن آچر (آرتوار) کان شروع ٿيندا، انهيءَ ڪري ”اربعا“ چوٿون ڏينهن ٿيو. سنڌي هندو ان کي ’ٻڌر‘ چوندا آهن.


لفظ اربعاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو