ادرڪ

ادرڪ

ادرڪ

ادرَڪ: هڪ قسم جو وکر، جيڪو اصل ۾ ٻوٽي جي پاڙ آهي. هيءَ هيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڍين واري ٿئي ٿي. سُڪل ادرڪ کي ”سُنڍ“ چئبو آهي. اُن جي کل ميراڻ تي مائل، خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي. ان جو ذائقو تيز ٿيندو آهي. طعام رڌڻ ۾ مصالحي طور ڪم اچي ٿي.
عام طور ادرڪ گرم خشڪ آهي، جنهن کي سياري جي موسم ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن کي گهريلو ٽوٽڪن ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. معدي جي ڪمزوري ۽ بلغم جي گهڻائيءَ ۾ هيءَ تمام گهڻي فائديمند آهي. بادي ۽ بلغم لاءِ ته هن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو به گهڻي مقدار ۾ واپرائيندا آهن. سياري ۾ ڪي ماڻهو هن جي چٽڻي ٺاهيندا آهن، ڪي سانڌاڻو ٺاهيندا آهن ته ڪي وري هن کي تري کاڌي طور استعمال ڪندا آهن. ادرڪ نه رڳو سانڌاڻي ۽ ٻوڙ جي ذائقي لاءِ استعمال ڪبي آهي، پر هيءَ تمام گهڻن مرضن جي نجات لاءِ وڏي فائدي واري آهي. حڪيمن مطابق ادرڪ فالج، لقوه، بلغم، کنگهه، دم، نزلي ۽ زڪام لاءِ ته هڪ ٽِڪ آهي. باديءَ وارين ڀاڄين ۾ ادرڪ ملائڻ مفيد آهي. ادرڪ بک وڌائي ٿي ۽ رت کي صاف ڪري ٿي. هن جي تمام گهڻي استعمال سان هاضمي جي خرابي ٿيندي، سيني ۾ ساڙو ٿيندو، تيزابيت وڌندي، پيشاب ڳاڙهي رنگ جو ۽ ساڙو ڪندڙ ايندو، تنهن ڪري هن جو استعمال متوازن ڪرڻ گهرجي. فارسي ۽ عربيءَ ٻولين ۾ هن ٻوٽي کي ”زنجبيل“ يا .زنگبيل“ چون ٿا.

wikipedia
http://en.wikipedia.org/wiki/Ginger


لفظ ادرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو