اباڻا فلم

اباڻا فلم

اباڻا

اباڻا (فلم ):ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ 24 جنوري 1958ع تي احمد آباد ۽ الهاس نگر ۾ رليز ٿي. فلم ۾ وچولي درجي جي خاندان جي ڪهاڻي ڏيکاريل آهي جيڪو ورهاڱي کانپوءِ ڏولاون ۾ آيل آهي . فلم ۾ شيلا راماڻيءَ هڪ ريلوي ملازم عورت ۽ هڪ پريمڪا جو ڪردار ادا ڪيو جيڪا ڪنهن شڪ جو شڪار ٿئي ٿي . اها ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ شروع ٿئي ٿي ۽ شڪ جو نبيرو ورهاڱي کانپوءِ ٿئي ٿو . ساڌنا جيڪا اردو/هندي فلمن جي مشهور اداڪاره هئي ، ان هن فلم ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ معاوضي طور صرف هڪ روپيو ورتو هو . ان کانسواءِ ديپڪ آشا ، ڀڏي آڏواڻي ، ماستر ششيل ، ڪان موهن ۽ ٻين اداڪار طور ڪم ڪيو . فلم جو ڊائريڪٽر ديپڪ آشا ۽ ارجن هڱوراڻي هئا . مشهور شاعرن پرسرام ضيا ۽ پرڀو وفا فلم لاءِ گيت لکيا ، جڏهن ته ماستر چندر ، بلوسي راڻي ، آسن ميراڻي ، سرلاسامتاڻي ۽ وديا گربخشاڻي گيت ڳايا هئا . هن فلم جا گانا به تمام گهڻا مقبول ٿيا . هيءَ فلم تمام گهڻو ڪامياب وئي . هن فلم جي وڊيو سي ڊي نڪتل آهي .


لفظ اباڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو