سرحد صوبي ۾ اباسين (سنڌو درياهه) جو منظر

سرحد صوبي ۾ اباسين (سنڌو درياهه) جو منظر

اباسين

اَباسِين: صوبي سرحد ۾ سنڌو درياهه کي ’اباسين‘ سڏيندا آهن. لفظ اَباسين جي معنيٰ آهي ’دريائن جو پيءُ‘. سنڌو درياهه جا آفاقي شھرت رکندڙ جدا جدا ڪيترائي نالا آهن. شروعاتي حصي ۾ هن جو نالو ’اباسين‘، وچئين حصي ۾، (جنھن ۾ اٽڪ ۽ ڪالاباغ به شامل آهي) ’نيلاب‘ ۽ آخري حصي ۾ ’مھراڻ‘ نالا اٿس. هن جو مجموعي نالو ’سنڌو درياهه‘ آهي. (تفصيل لاءِ ڏسو: ”سنڌو درياهه“).


لفظ اباسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو