آگياري

آگياري

آگياري

آگياري (Tower of Silence):هن کي دخمو به چوندا آهن. سنڌ ۾ ٻه زردشتي مذھبي مقام ١٨٤٧ع- ١٨٧٥ع ۾ قائم ٿيا جن مان ھڪ آگياري پاڪستان چوڪ ۽ ٻيو صدر ڪراچيءَ ۾ آهي. ھيءَ اھا جڳهه آھي، جنھن کي پارسي پنھنجي مُردن لاءِ آخري آرام گاهه طور استعمال ڪندا آھن. ھي ھڪ گول پليٽ فارم آھي، جنھن جي درمياني گولائي ٣٠٠ فوٽ ٿئي ٿي. ان جي سطح پٿرن جي بلاڪن ۽ سيمنٽ سان تيار ڪئي ويندي آھي. ان گولائي کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويندو آھي. پھرين مردن لاءِ، ٻي عورتن لاءِ ۽ ٽين ٻارن لاءِ. پليٽ فارم تي چڙھڻ لاءِ ھڪ رستو فوٽ پاٿ نموني جو ٿئي ٿو. انھيءَ پليٽ فارم جي وچ ۾ ھڪ اونھو کوهه ٺھيل آھي، جنھن جي اونھائي ١٥٠ فوٽ ٿيندي آھي. ان جون ڀتيون ۽ فرش پڪي بلاڪ جو ٺھيل ھوندو آھي. کوهه جي اندروني سطح تي سوراخ موجود ھوندا آھن. جتان مينھن جو پاڻي اندر داخل ٿيندو آھي ۽ پوءِ اھو پاڻي زير زمين موجود چئن نالين سان ڳنڍيل ھوندو آھي، جيڪي وري چئن کوھن سان ڳنڍيل ٿين. جنھن جي ھيٺين سطح تارڪول ۽ واري سان ڍڪيل ھوندي آھي. مذڪوره کوهه جي مٿان مردي کي بنا ڪپڙن جي رکيو ويندو آھي. ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ڳجھون ان جو ماس پٽي وينديون آهن ۽ ھڏين کي کوهه جي سوراخن ۾ اڇلايو ويندو آھي. ھتي ڪراچيءَ ۾ اھڙيون ٻه آگياريون آھن. ھڪ ننڍي ۽ ٻي وڏي. ڪراچي ۾ ٢٠٠٠ کن زردشتي رھن ٿا.


لفظ آگياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو