آگبوٽ

آگبوٽ: آگبوٽ جي لفظي معنيٰ باهه جي طاقت سان پاڻيءَ تي هلندڙ جهاز آهي، ليڪن دراصل جهاز ٻاڦ جي طاقت تي هلندو هو، يعني ’ٻاڦ جي طاقت کي حرارت واريءَ توانائيءَ ۾ تبديل ڪندڙ ڪَل‘ هو. ان جو طريقو اهو آهي، جو ٻاڦ سِلنڊر کي اندرِ پسٽن ۾ اڳتي ڌڪي ٿي. ٻاڦ جو زور ختم ٿئي ٿو ته سلنڊر پوئتي هٽي ٿو. اهو عمل چڪري کي ڦيرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ٿو ۽ ڪَلُن جو سڄو مانڊاڻ حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو. ان جو پهريون ڪامياب مثال ’جيمس واٽ‘ جي 1769ع ۾ ٺهيل ڪَلَ هئي. ٻاڦ جي مدد سان انهيءَ حرڪت ۽ طاقت سان صنعتي انقلاب وجود ورتو. ان کان پوءِ 1787ع ۾ ’جيمس رمزي‘ ٻاڦ تي هلندڙ بحري جهاز هلائڻ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. 1807ع ۾ ’رابرٽ فلٽسن‘ ”ڪليرمانٽ“ بحري جهاز ذريعي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ 29 ڏينهن ۽11 ڪلاڪ لاڳيتو سفر ڪيو. اهڙيءَ طرح ٻاڦ جي طاقت (اسٽيم ٽربائين) تي هلندڙ آگبوٽن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ سِڙهن وارن جهازن جي جاءِ تي آگبوٽن کي ترجيح ڏني وئي.


لفظ آگبوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


جهاز - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بحري جهاز
آگبوٽ
جهاز ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون