آٽيرڻ

آٽيرڻ: سٽ ويڙھڻ يا تند کي وٽ ڏيڻ لاءِ ڪاٺ جي گـِلي. ڪورڪي ڪم جو ھڪ اوزار، جنھن کي ڪن ھنڌن تي ’آٽيري‘ به چون.
ٿر‘ ۾ چوپائي مال جي سڃاڻپ جو ھڪ خاص داغ، جيڪو گيهلڙن ٺڪرڻ جو نشان آھي. اھو نشان هن ريت ’I‘ ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو