آصف چارڻ

آصف چارڻ

آصف چارڻ

آصف چارڻ: سنڌ جي ناليواري فنڪار آصف علي ولد غلام شبير چارڻ جو جنم 08 جنوري 1984ع تي دادو شهر جي غريب آباد محلي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم دادوءَ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول دادوءَ مان، انٽر ۽ بي.اي جا امتحان استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پاس ڪيا. هن راڳ جي بنيادي سکيا سنڌ جي ناليواري فنڪار استاد سينگار علي سليم کان حاصل ڪئي ۽ ان جي وفات بعد باقي سکيا ناليواري فنڪار حنيف لاشاريءَ کان ورتائين.
آصف چارڻ فن جي دنيا ۾ 1993ع ۾ پير پاتو. هن پنهنجي استاد سينگار علي سليم جي وفات بعد سندس نالي پٺيان سيوهڻ شهر ۾ قلندر لعل شهباز درگاهه جي سامهون هڪ ميوزيڪل اڪيڊميءَ جو بنياد وڌو، جنهن اڪيڊميءَ ۾ ڪيترا شاگرد راڳ جي سکيا وٺي رهيا آهن. آصف چارڻ جا 60 کان وڌيڪ آڊيو ۽ وڊيو البم رليز ٿي چڪا آهن. سندس ڳايل ڪيترا گيت مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس ڳايل مشهور گيتن ۾ ’دردن دل آزاري سائين‘ ۽ ’ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي‘ وغيره شامل آهن. آصف چارڻ پي.ٽي.وي کان سواءِ شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ قلندر شهباز جي درگاهن تي ڳائي خوب داد حاصل ڪري چڪو آهي. سندس آواز ۾ درد سمايل آهي. آصف چارڻ ڪيترائي قومي گيت به ڳايا آهن.آصف چارڻ جا ڪيترا گيت ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تي رڪاڊ ٿيل آهن. کيس فني خدمتن تي سچل سرمست اوارڊ، استاد بخاري اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، جنهن تي پنهنجي استاد سينگار علي سليم جو نالو رکيو اٿس. هن وقت آصف چارڻ دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ آصف چارڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.01.08  عيسوي

سنڌ جي ناليواري فنڪار آصف علي ولد غلام شبير چارڻ جو جنم 08 جنوري 1984ع تي دادو شهر جي غريب آباد محلي ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پون ڪمار نانڪرام
خالد حسين پتافي
سائين بخش ٿهيم فقير
استاد ڪريم بخش خان
بالي اقبال
پنڊت وشنو ڊگمبر پلسڪر
بشير احمد سولنگي
پٺاڻي خان
عالمگير
ديدار حسين خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون