آرون جيت

آرون جيت

آرون

آرون: هڪ ننڍي تڏ يا مڪڙ جيڏو جيت، جنهن جو واسو جهنگلي ٻوٽن ۾ هوندو آهي. هي جيت جيتوڻيڪ تڏين ۽ مڪڙين جي ڪٽنب جو ئي آهي ،پر ڪڏهن به فصل کي نقصان نه پهچائيندو آهي. مڪڙيون وڏيون ٿين، انھن کان ننڍيون تڏيون ٿين ۽ انھن ٻنھي کان ننڍيون آرون ٿين. هيءُ جيت سدائين جهنگ ۾ ٻوڙن ۽ وڻن ۾ رهندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن گهرن ۾پوکيل وڻن، لوڙهن ۽ ڪن ننڍن گاهن جهڙوڪ ڊڀن وغيره ۾ به رهڻ پسند ڪندو آهي. آرون ڏينھن جو بلڪل خاموش رهنديون آهن پر رات ٿيندي ئي آواز ڪڍڻ لڳنديون ۽ هُل مچائينديون آهن. اهڙي هُل سبب ڪڏهن ڪڏهن سندن مٿو پاٽي پوندو آهي ۽ مري به وينديون آهن. اهڙي ريت پرڀات ٿيندي آرون گم ٿي وينديون ۽ رات جو وري ساڳي رنڀ جاري رکنديون آهن. حضرت شاهه عبداللطيف جي سُر سارنگ جي هڪ بيت ۾ ڪم آندل فقري ’آڙيون ابر آسري، تي ڪجھھ محققن جو اختلاف آهي ۽ سندن راءِ آهي ته اهو اصل ۾ ’آرون ابر آسري‘ آهي، ڇو ته ”آڙي“ خود ڍنڍ (پاڻي) جو پکي آهي، اُن جو برسات سان ڪو لاڳاپو نه آهي، جڏهن ته هيءُ جيت (آرون) برسات جي مند کانپوءِ وڌي ويجھي ٿو. ”آرون“ ابر آسري، تاڙا تنوارين (شاهه)


لفظ آرونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو