ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

بخاري، ڪامريڊ عزيز سلام: سلام بخاري'>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪميونسٽ ۽ هاري اڳواڻ هو. هو 1911ع ۾ شهر گونڊا اتر پرديش ۾ ڄائو ۽ اتي ئي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين. هن ميٽرڪ جو امتحان امن سڀا هاءِ اسڪول گونڊا مان پاس ڪيو. ڪامريڊ بخاري هڪ ننڍڙي زميندار گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. سندس وڏا شهرن ۾ نوڪري ڪري گذر ڪندا هئا. هن تعليم کي خيرباد چئي ريلوي ۾ ملازمت ڪئي. 1932ع ۾ احمدپور جي هڪ زميندار محبوب الله جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جيڪا آڪٽوبر 1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويئي. ڪامريڊ 1940ع کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه عرصو سکر ۾ رهيو. 1940ع کان اڳ الله آباد مان لڏي بمبئيءَ آيو، جتي هڪ ٽيڪسٽائيل فيڪٽريءَ ۾ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. بمبئيءَ ۾ سندس ڏيٺ ڏيٺ ڪجهه ترقي پسند اڳواڻن سان ٿي ته هو فڪري پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. هن هندستان جي کاٻي ڌر جي جوڙيل ڊراما سوسائٽيءَ ۾ به ڪم ڪيو. آڪٽوبر 1949ع ۾ ڪراچيءَ اچڻ بعد ڪامريڊ بخاري مزدور تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1948ع ۾ ڪراچي ڊاڪ ورڪرز يونين جو سيڪريٽري ٿيو. مزدور تحريڪ ۾ سرگرم ٿيڻ تي کيس سال کن قيد ۾ رهڻو پيو . جيل مان نڪرڻ بعد ساٿين جي صلاح سان نئين ٺهيل پارٽي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. عوامي ليگ ڇڏڻ بعد ڪامريڊ ساٿين جي صلاح سان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. جنوري 1953ع واري شاگرد هلچل کانپوءِ لاڙڪاڻي هليو آيو. جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش باوجود هن پنهنجون تحريڪي سرگرميون جاري رکيون. 58-1957ع ۾ ڪامريڊ بخاري نواب شاهه مان هزارين هارين جي جلوس جي اڳواڻي ڪندي ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ ۾ ڪامياب جلسو ڪيو، جنهن کي ”الاٽي تحريڪ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪامريڊ بخاري چمبڙ واري هاري تحريڪ جي مُک اڳواڻن مان هو. بعد ۾ هن پاڻ کي نوابشاهه جي تر ۾ هارين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 1968ع ۾ سوويت يونين ۽ چين جي نظرياتي اختلاف بعد چين نواز لائين اختيار ڪيائين. ان وقت هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري هو. ڪميونسٽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ڪامريڊ بخاري هارين لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ عوامي تحريڪ ۽ پ پ سان ويجهڙائپ رکندي ڪم ڪندو رهيو. هو 18 فيبروري 1986ع ۾ حيدرآباد ۾ گذاري ويو، کيس ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. اهو ڳوٺ وڏو عرصو هاري تحريڪ جو مرڪز رهيو هو. پارٽي ورهائجڻ کانپوءِ سندس ساٿين ۾ باقر سنائي، لکانو بهراڻي، احسان عظيم، شاه رضا شاه، قادر بخش طالباڻي شامل آهن. جڏهن ته ان کان اڳ واري دور جي سندس ساٿين ۾ نازش امروهي، سائين عزيز الله، جمال نقوي، ڄام ساقي شامل هئا. سندس لکڻيون پارٽيءَ جي ترجمان رسالي ۾ ڇپبيون رهيون، جيڪي سندس انتقال کان پوءِ سندس ساٿين، (1) ”ڀَوَ مڙيئي ڀيل“ (2) ”فڪر عزيز“ ۽ (3) ”سي سک م سمهو“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايون. انگريزيءَ جو ناليوارو صحافي جاويد بخاري سندس فرزند آهي.


لفظ ڪامريڊ عزيز سلام بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.00.00  عيسوي

بخاري ، ڪامريڊ عزيز سلام: ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪميونسٽ ۽ هاري اڳواڻ هو . هو 1911ع ۾ شهر گونڊا اتر پرديش ۾ ڄائو ۽ اتي ئي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين . هن ميٽرڪ جو امتحان امن سڀا هاءِ اسڪول گونڊا مان پاس ڪيو .


1954.00.00  عيسوي

جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش باوجود هن پنهنجون تحريڪي سرگرميون جاري رکيون . 58-1957ع ۾ ڪامريڊ بخاري نواب شاهه مان هزارين هارين جي جلوس جي اڳواڻي ڪندي ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ ۾ ڪامياب جلسو ڪيو ، جنهن کي ” الاٽي تحريڪ “ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو .


1986.02.18  عيسوي

. ڪامريڊ بخاري هارين لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ عوامي تحريڪ ۽ پ پ سان ويجهڙائپ رکندي ڪم ڪندو رهيو . هو 18 فيبروري 1986ع ۾ حيدرآباد ۾ گذاري ويو ، کيس ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو . اهو ڳوٺ وڏو عرصو هاري تحريڪ جو مرڪز رهيو هو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سويتا ڪيسواڻي
عبدالحڪيم سومرو مولانا
نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت
شيخ ارشاد
شير محمد خان نائچ
رامچند ايم ڪيولراماڻي
ابو جعفر طوسي رح
جنجهي مينهين ٻائي
دينوري ابو حنيفه
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون