ڏنڀرو ڪُرڙو

ڏنڀرو ڪُرڙو

ڏنڀرو ڪُرڙو

ڏنڀرو/ ڪُرڙو (Labeo rohita/ Teleostomi): ڪُرڙي کي ’ڏنڀرو‘ ۽ ’ٽپرو‘ به چوندا آهن. ڪرڙي جي مڇي سوادي ٿئي ٿي. هي مڇي سنڌ جي ڍنڍن ۽ واهن جي اونهي پاڻيءَ ۾ رهي ٿي. مهاڻن جو چوڻ آهي ته هيءَ مڇي ننڊ ڪرڻ مهل هڪ اک کولي مٿي ڪري سمهندي آهي، جيئن ئي سج جي روشني محسوس ڪندي آهي ته اها جاءِ ڇڏي، ٻي جاءِ تي هلي ويندي آهي. 10 کان 15 فوٽ پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ٽپو ڏئي سگهي ٿي. 15 کان 18 ڪلو وزن ڪندي آهي. هي مڇي آني ڪندي آهي. ننڍي وزن واري ڪرڙي کي ’سانئري‘، ’سانئرو‘ ۽ ’ٽپري‘ به ڪري چوندا آهن. هن مڇيءَ جا چپ، ٿلها ۽ مسلسل جهالردار ٿين ٿا. هن جي پٺيءَ يا ڪرنگهي وارو کنڀڙو (Dorsal Fin) ڊگهو، ڄاڙيون ڊگهيون ٿين ٿيون. گهڻو ڪري هن مڇيءَ کي ٻه وار مُنهن/وات وٽ ٿين ٿا. هن جي ڪرنگهي واري ليڪ (Lateral Line) تي ڇلرن جو تعداد 40 کان 42 ٿئي ٿو. هي سبزي خور مڇي آهي. هن جي غذا نباتاتي جيت جڻيا، آبي ٻوٽا ۽ ننڍيون مڇيون آهن. سال ۾ ڪلو کان ڏيڍ ڪلو وزن ڪري ٿي ۽ ٽن فٽن جي ڊيگهه تائين وڃي ٿي. هڪ ئي وقت جون جولاءِ ۾ 7 لک کن آنا لاهيندي آهي. عام طور 1.5 فوٽ کان 2 فوٽن جي ڊيگهه واري ڪرڙي جي تور 5 ڪلو کن ٿئي ٿي. ڪنهن زماني ۾ مڇيءَ جو هي قسم سنڌ جي ڍنڍن ۽ واهن ۾ تمام گهڻو هو. هن نسل جي مڇيءَ کي هاڻي هٿرادو تلائن ۾ به محفوظ ڪيو ويو آهي. پر کائڻ ۾ درياهي يا منڇر واري جنس جو سواد ڪونه اٿس جو اتي کاڌو به هٿرادو ملي ٿو. ڏنڀري/ ڪرڙي جو گوشت هرڻ يا تتر وانگر سخت ٿئي ٿو، جڏهن ته تلاهي ڪرڙي جو گوشت نرم ۽ ڦيڦو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو