چيٽ جا نوراتا

چيٽ جا نوراتا: چيٽ جي سهائي پَک جي پهرين تٿ کان وٺي نائين تٿ تائين درگا ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. ’شاڪت سنپردايه‘ ۾ هن جي وڏي مهما بيان ڪيل آهي. خاص ڪري، وانهان (واوا)، سونارا، گري، پُري، ڀارتي ۽ ناٿ سنپردايه جا جوڳي ڏاڍي صدق سان هي ڏِڻ نَوَ ڏينهن ملهائيندا آهن. دُرگا سَپتشتِي گرنٿ جو پاٺ ڪندا آهن. پنجين تٿ تي پوکيل جَون جي سَلن جو جڻيو پاتو ويندو آهي، جنهن کي جڻيي جي رات چئجي ٿو. اٺينءَ تٿ تي هَوَن ٿيندو آهي ۽ نائين تٿ تي نوراتا ختم ٿيندا آهن. ان ڏينهن جيڪي نوراتن جا ورت رکندا آهن، اُهي غريبن ۾ دان ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو