چوڌري، رحمت علي

چوڌري، رحمت علي

چوڌري رحمت علي

چوڌري، رحمت علي: تحريڪ پاڪستان جو نامور اڳواڻ، الڳ وطن جو تصور ۽ ان جو نالو ’پاڪستان‘ تجويز ڪندڙ چوڌري رحمت علي ولد حاجي شاهه محمد 16 نومبر 1897ع تي ڳوٺ موهبر ضلعي هوشيارپور پنجاب ۾ ڄائو. مئٽرڪ انگلو سنسڪرت هاءِ اسڪول جالنڌر مان پاس ڪرڻ بعد اسلاميا ڪاليج لاهــور ۾ عـلمـي، نـصـابـي ۽ غـيـر نـصـابي سرگرمين سان لاڳاپيل رهيو. 1915ع کان 1918ع تائين تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪاليج جي مئگزين ’دي ڪرينٽ‘ جو ايڊيٽر رهيو. ’بزم تقرير‘ جو سيڪريٽري چونڊيو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران ڪاليج جي رڪروٽنگ ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو. ان ئي زماني ۾ 1915ع ۾ هن ’بزم شبلي‘ قائم ڪئي، جتان سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. ’بزم شبلي‘ طالب علمن جي سماجي ۽ سياسي تنظيم هئي، جنهن وسيلي هندستان جي مسلمانن جي لاءِ الڳ وطن ٺاهڻ ۽ ان فڪر کي اُجاگر ڪيو ويو. لاهور ۾ تعليم سان گڏوگڏ ’پيسه اخبار‘ ۽ ’ڪشميري گزٽ‘ ۾ نوڪري به ڪندو هو. ان اخبار ۾ هن ’مغرب ڪي اندهي تقليد‘ موضوع تي هڪ مضمون لکيو، جنهن تي انگريز حڪومت اخبار کان ضمانت طلب ڪئي، جنهنڪري هن کي نوڪري ڇڏڻي پئي. ان کانپوءِ هي ايچيسن ڪاليج ۾ اُستاد مقرر ٿيو. بعد ۾ چوڌري رحمت علي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيه ويو، جتي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ڪمانوئل ڪاليج ۾ 1931ع ۾ قانون جي شعبي ۾ داخلا ورتائين، جتان جون 1932ع ۾ ڊگري ورتائين. آڪٽوبر 1940ع ۾ ايم اي ۽ جنوري 1942ع ۾ انرٽيمپول ان لنڊن مان بئريسٽر جي سند حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي قيام لاءِ ڪوششن جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ ئي رهيو. سندس گذر سفر لنڊن جي ’پيروي ڪائونسل‘ ۾هندستان جي مسلمانن جي ڪيسن جي پرويءَ مان ٿيندو هو. تعليم حاصل ڪرڻ دوران سندس سياسي سرگرميون به جاري رهيون. 1933ع ۾ هن لنڊن ۾ ’پاڪستان نيشنل موومينٽ‘ قائم ڪئي. 28 فبروري 1933ع ۾ هن ڪيمبرج مان هڪ پمفليٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ ’پاڪستان جو مطلب‘ واضح طور بيان ڪيو ويو. هن پمفليٽ جو موضوع ‘Now or Never’ (هاڻي يا ڪڏهن نه) هو. ان پمفليٽ جي هڪ سرخي هئي ته: ’اسان کي زنده رهڻو آهي يا هميشه لاءِ نابود ٿي وڃڻو آهي.‘ هن پمفليٽ ۾ چوڌري رحمت عليءَ پنجاب، ڪشمير، سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن کي هڪ وفاق جي صورت ۾ ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ ان آزاد خودمختيار ملڪ جو نالو ’پاڪستان‘ تجويز ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ چوڌري رحمت عليءَ ٻيا به ڪيترا هينڊ بل، پمفلٽ ۽ کليل خط شايع ڪيا ۽ ’پاڪستان‘ نالي سان هڪ هفتيوار اخبار به جاري ڪيائين. جولاءِ 1935ع ۾ رحمت عليءَ ڪيمبرج مان چئن صفحن جو هڪ ٻيو پمفليٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ سوال اٿاريو ويو ته جڏهن گورنمينٽ آف برما ائڪٽ ذريعي برما کي هندستان کان الڳ ڪيو آهي ته پاڪستان کي هندستان ۾ شامل رکڻ تي ڇو زور ڀريو پيو وڃي. 1937ع ۾ هن بنگال ۽ آسام تي مشتمل آزاد مسلم مملڪت ’بانگ اسلامستان‘ جي تجويز پيش ڪئي. 8 مارچ 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان نيشنل موومينٽ جي سپريم ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي هن حيدرآباد دکن لاءِ ’ڪشمانستان‘ جي نالي سان آزاد اسلامي رياست جو خاڪو پيش ڪيو. 15 مارچ 1943ع ۾ هن ’ملت ۽ ان جون اقليتون‘ جي موضوع سان هڪ بيان جاري ڪيو. 1945ع ۾ ’انڊيا ڪونونينٽ موومنٽ‘ جو اعلان ڪيو. 9 جون 1947ع تي جڏهن ’3 جون پلان‘ منظور ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته هن ’عظيم غداري‘ جي عنوان سان هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ ’3 جون پلان‘ کي رد ڪندي ’پاڪستان‘ جو مقصد کي واضح ڪيو ويو هو. 5 آگسٽ 1947ع تي چوڌري رحمت عليءَ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي نالي هڪ پيغام موڪليو، جنهن ۾ هندستان ۾ هندن طرفان مسلمانن تي ٿيندڙ زيادتين ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ 1948ع ۾ چوڌري پاڪستان آيو، ته هتي جون حالتون خراب ٿيڻ سبب واپس لنڊن هليو ويو. قائداعظم جي وفات کان پوءِ آڪٽوبر 1950ع ۾ چوڌري رحمت عليءَ جو هڪ ساٿي چوڌري امجد خان ڪيمبرج مان کيس واپس پاڪستان وٺي آيو. 12 فبروري 1951ع تي لاهور ۾ چوڌري رحمت جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ جو تياريون ڀرپور نموني سان جاري هيون ته سندس وفات جي خبر پئي ته هن جي 03 فيبروي 1951ع تي وفات ٿي وئي آهي ۽ کيس نيو مارڪيٽ، ڪيمبرج قبرستان ۾دفنايو ويو آهي. چوڌري رحمت عليءَ جي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1) Now or Never 1933, (2) What does the Pakistan National Movement stand for? (3) The Greatest Betrayal, (4) Pakistan: The Fatherland of the Pak Nation (1947).


لفظ چوڌري رحمت عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.11.16  عيسوي

چوڌري رحمت علي ولد حاجي شاهه محمد 16 نومبر 1897ع تي ڳوٺ موهبر ضلعي هوشيارپور پنجاب ۾ ڄائو.


1933.02.28  عيسوي

28 فبروري 1933ع ۾ چوڌري رحمت علي ڪيمبرج مان هڪ پمفليٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ ’پاڪستان جو مطلب‘ واضح طور بيان ڪيو ويو.


1940.03.08  عيسوي

8 مارچ 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان نيشنل موومينٽ جي سپريم ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي هن حيدرآباد دکن لاءِ ’ڪشمانستان‘ جي نالي سان آزاد اسلامي رياست جو خاڪو پيش ڪيو.


1943.03.15  عيسوي

15 مارچ 1943ع ۾ هن ’ملت ۽ ان جون اقليتون‘ جي موضوع سان هڪ بيان جاري ڪيو.


1951.02.03  عيسوي

چوڌري رحمت علي 03 فيبروي 1951ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام سيف الله ڌاريجو:
تيرٿ سڀاڻي
هوتچند آڏواڻي
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
ذوالفقار ڪولاچي
شبلي نعماني علام
شهداد خان کوسو
عاشق حسين سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون