چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘

چغدو، حاجي شير محمد ’شيرل‘: نامياري شاعر ۽ نثر نويس حاجي شير محمد ’شيرل‘ ولد محمد صالح چغدي، 9 نومبر 1880ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ديري غازي خان جا رهواسي هئا، جتان لڏي اچي پهريائين خيرپور ميرس ۾ رهيا ۽ بعد ۾ شڪارپور ۾ آباد ٿيا. سندس والد قابل استاد هو. جنهن 1906ع ۾ رٽائر ڪيو. هن ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2 شڪارپور مان حاصل ڪري، فائنل جو امتحان ورنيڪيولر اسڪول نمبر 01 مان پاس ڪيو. ان کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ٽريننگ ورتائين. ٽريننگ وٺي واپس شڪارپور آيو، جتي مختلف اسڪولن ۾ پڙهايائين. جون 1929ع کان مسلم اسڪولن جو انسپيڪٽر رهيو ۽ ان ئي عهدي تان 24 سيپٽمبر 1932ع تي رٽائر ڪيائين. کيس شاعريءَ ڏانهن لاڙو ٽريننگ ڪاليج ۾ تربيت حاصل ڪرڻ دوران ٿيو ۽ پنهنجي استاد قاضي اميد عليءَ جي رهنمائيءَ ۾ شعر لکندو هو. اڳتي هلي هن مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي صحبت ۽ پوئلڳي اختيار ڪئي. هن شاعريءَ کان سواءِ نثر به لکيو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) ’دل خندان‘، (2) ’عمرمارئي‘، (3) ’پهريون بشر‘ ۽ (4) ’سيدالانبياءِ‘، جڏهن ته سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’صـداقـت الـقـرآن‘، (2) ’صـداقت الرسول‘، (3) ’سياست فاروقي‘، (4) ’غزوه بدر‘ ۽ (5) ’اخلاقي مضمون‘ ۽ سندس ڪلام جا ٻه دفتر ’ڪليات شيرل‘ ۽ ’ديوان شيرل‘ شامل آهن.
هن 14 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.11.09  عيسوي

نامياري شاعر ۽ نثر نويس حاجي شير محمد ’شيرل‘ ولد محمد صالح چغدي، 9 نومبر 1880ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو.


1963.10.14  عيسوي

هن 14 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـبـدالله وريـاهه
بهاري لال
اويس ‘قرني’
شيڪسپيئر وليم
عبدالله عبد انصاري
حيدر خان ٻروچ
اويڙ پلي
بسنت ڪمار تياڳي
اختر ثانوري
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون