چراخ

چراخ

چراخ

چراخ

چراخ

چراخ (Hyena/ Crocuta): چراخ هڪ قسم جو جھنگلي جانور آهي، جيڪو بگھڙ کان ٿورو وڏو ۽ بگھڙ جهڙو ٿيندو آهي. هيءُ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جي آسپاس کڏيجي، گجي ۽ پٻ جبلن ۾ سندس ٿاڪ آهن. چراخ جو جسم ميرانجھڙي ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. جنهن جي بت تي ويڪر ۾ ڪڻڪ رنگا يا ڪارا پٽا ٿيندا آهن. هن جي ڪنڌ ۽ پٺيءَ جي وچ تي وڏا وار (بُشڪون) ٿيندا آهن. چراخ جو بت هڪ ميٽر ڊگهو ۽ پڇ ننڍو ٿئي ٿو. هن جو وزن اٽڪل 34 ڪلوگرام ٿئي ٿو. هن جون پويون ٽنگون اڳين ٽنگن کان ڪجهه ننڍيون ٿينديون آهن.
چراخ ٿڻائتو جانور آهي ۽ خاص ڪري جبلن جي وڏين غارن، ٽڪرين يا زمين ۾ چُر کوٽي رهندو آهي ۽ رات جو فصلن ۾ گھمندو آهي. هيءُ جهنگلي جانور شڪار ڪري کائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيئرا جانور به پنهنجي غار ۾ کڻي ايندو آهي. هن جو خاص دشمن گھوڙو آهي، جنهن کان هيءُ ڀڄي نه سگھندو آهي. چراخ آسانيءَ سان پالي سگھجي ٿو. پالڻ کانپوءِ مالڪ سان وفادار رهندو آهي. چراخ جي مادي هڪ ئي وقت ٽي ٻچا ڄڻيندي آهي. هي ڏينهن جو پنهنجي ڏر يا چُر ۾ رهندو آهي. سج لٿي کان پوءِ شڪار جي تلاش ۾ نڪرندو آهي. چراخ، بگھڙ کان پوءِ ٻئي نمبر تي طاقت وارو جانور آهي. هن جي ڏندن ۽ ڏاٺن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي. ڪاوڙ ۽ جوش وقت ڏندن ذريعي پٿر به ڀوري ڇڏيندو آهي. گڏهه جي گوشت کي گھڻو پسند ڪندو آهي. پهاڪو آهي ته ”گڏهه جو ماس ۽ چراخ جا ڏند“. جانورن جا هڏا سندس پسنديده خوراڪ آهن. هن جي رهڻ واري هنڌ جي ويجهو هڏن جا ڍير هوندا آهن. هن کي ’بيابانن جو بادشاهه‘ به سڏيو ويندو آهي. آڳاٽي وقت ۾ چراخ سنڌ ۾ جاتي واري رڻ ۾عام جام ڏسبا هئا. لوڪ ڪٿائن موجب چراخ ڏانئڻن جو ڊڊو آهي، جنهن تي ڏائڻيون سواري ڪنديون آهن. هيءُ جانور ڊوڙڻ جو تيز هوندو آهي.


لفظ چراخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو